ڀڳت مدن

ڀڳت مدن: هي ڀڳت شاهه عبداللطيف جو همعصر ٿي گذريو آهي . تذڪره لطفي ۾ انهيءَ حوالي سان ڀڳت مدن جو ذڪر ۽ سندس هڪ بيت موجود آهي ، جيڪو هن ريت آهي:
ڪالهه پڻ ڪالهه هئي ، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو ،
مڙهيءَ ۾ مدن چئي ، ويهي ڪانگ ويو ،
جنهن ۾ پاڻ ٻيو ، سا رهي رهندي ڪيترو .
بدوي صاحب لکي ٿو ته: ” سترهين صدي عيسويءَ ۾ هن هندو شاعر جو نالو شاھه ڀٽائيءَ جي صحبتين ۾ نظر اچي ٿو . هُو ڪهڙي ڳوٺ يا شهر جو رهندڙ هو ، ان بابت ڪا به تحقيقاتي خبر پئجي نه سگھي آهي . هو صاحبِ دل ۽ صوفي هو . سندس ڪلام ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندو آهي .
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ، مدن کي ڪوٽڙي مغل جو رهاڪو ڄاڻايو آهي ۽ سندس هڪ بيت ڏنو آهي ، جو هي آهي:
محبت مٺو ٿوڪ ، ميون ۾ مدن چئي ،
ڇا ڄاڻي لوڪ ، قدر ان ڪيميا جو .
لڳي ٿو ته هن انداز جا بيت مدن جا ٻيا به هوندا ، پر يڪجا ٿي نه سگھيا آهن . مدن ۽ شاھه لطيف جي بيتن ۾ گفتگوءَ جو ذڪر به ڪتابن ۽ زباني روايتن ۾ آيو آهي . مثال طور: هڪ ڀيري شاھه صاحب ۽ مدن ٻيڙيءَ ۾ سوار وچ سير ۾ پهتا ته شاهه صاحب ساڻس دل لڳي ڪندي پڇيو ته:
” مدن! حشر ويل حساب جي ، ڪافر ڪندا ڪيئن “
مدن جواب ڏنو ته سائين! ڪڏهن وقت سر ثابت ڪندس . جڏهن ٻئي ڀيري هڪ ڏينهن ٻئي درياهه پار ڪرڻ لاءِ پتڻ تي آيا ته شاھه صاحب پاتڻيءَ کي چيو ته ادا اسان کي به پار اُڪار . هُن جواب ڏنو ته پُور ڀرجي ويو آهي . جاءِ ناهي! مدن پئسا ڪڍي پاتڻيءَ کي چيو ته ” ٻيڻو پتڻ وٺ “ . ته هن هڪدم چيو ته سائين اچو . جڏهن ٻيڙي وري وچ سير ۾ پهتي ته شاهه صاحب مدن کان ساڳيو سوال ڪيو . مدن هٿ جي تري کولي چيو: سائين اوهان جيڪو سوال پڇيو هو ، اُن جو جواب هي آهي:
هٿ جنين جو هيئن ، سي پهرين پتڻ پار پيا .
هنن ٻنهي سٽن کي جوڙيو ته هڪ بهترين ۽ پُر معنيٰ بيت جُڙي پوندو . هن مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته شاھه صاحب جي همعصرن ۾ مدن ڀڳت هڪ برجستو شاعر هو .


لفظ ڀڳت مدنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو